جوتي جوتي واري راند جلد گولي گولي ۾ تبديل ٿي ويندي: شيخ رشيد جي اڳڪٿي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هاڻي جوتي جوتي جي راند ٿي رهي آهي بعد ۾ گولي گولي کيڏندا،  جيڪو شخص ايترو ويجهو اچي جوتو هڻي سگهي ٿو اهو گولي به هڻي سگهي ٿو، الله ملڪ کي حادثي کان بچائي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته نواز شريف ۽ سندس پارٽي بد حواس ٿي چڪي آهي، مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار نواز شريف ۽ شهباز شريف هوندا. هن چيو ته اليڪشن جي اهڙي حڪمت عملي هئڻ گهرجي جنهن سان ڪنهن کي به اختلاف نه هجي، سپريم ڪورٽ کي اليڪشن جي حڪمت عملي ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته شفاف چونڊن لاءِ اهم مسئلو عبري حڪومت جو هوندو، عمران خان تي حملا بدبودار شخص راڻا ثناءَ الله ڪرائي رهيو آهي. شيخ رشيد احمد چيو ته الله مون کي جيڪا عزت ڏني آهي تنهن جي مان قابل نه آهيان، راڻا ثناءَ الله جو معاشري ۾ جيڪو ڪردار آهي اهو شريفن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي،  کين خبر پئجي ويندي، پهريون به راڻا ثناءَ الله جا شهپر ۽ ڀرون خاص مصالحي سان صاف ڪيا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *