جواني ديواني” کانپوءِ هاڻ فلم جو ٻيو گانو“ دلي ممبئي ڪي ڪڙيان” رليز 

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ۾ نيون ايندڙ اداڪارائن جو گاڊ فادر ڪرن جوهر هڪ ڀيرو ٻيهر هاءِ پروفائيل ڊراما فلم “اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2” کڻي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 43

اچي رهيو آهي. فلم جو ٽريلر رليز ڪرڻ کانپوءِ ان جا گانا رليز ڪيا پيا وڃن. “جواني ديواني” کانپوءِ هاڻ فلم جو ٻيو گانو“ دلي ممبئي ڪي ڪڙيان” رليز ٿي ويو آهي. گاني جو ٿيم ۽ موسيقي ان کي ڊانس نمبر ۾ شامل ڪن ٿا. هن گاني کي وشال شيخر ڪمپوز ڪيو آهي، جنهن کي ديو نيگي ۽ پايل ديو ۽ وشال ددلاني ڳايو آهي. “دلي ممبي ڪي ڪڙيان” جا ٻول وايو لکيا آهن. اهو گانو ٻڌي دلي ممبئي جون ناريون خوش ٿي وينديون. هن گاني ۾ ٽائيگر شروف، تارا ستاريه ۽ اننيا پانڊي بهترين ڊانس ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *