جوابدار اغوا بعد ڪپڙن کان آجو ڪري گشت ڪرايو، جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو: فضا ۽ ڪنول راجپوت

ڊگھڙي (م.ڊ) نئون ڪوٽ ۾ مبينا اغوا بعد زيادتي جو شڪار بڻيل ناريون فضا ۽ ڪنول راجپوت ڊگهڙي جي عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو ۽ ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ به ڪري ورتي، نارين جو چوڻ آهي ته اغوا بعد ڪپڙن کان آجو ڪري گشت ڪرايو ويو، وارن مان جهلي گهلڻ سان گڏ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو،  ناري فضا راجپوت عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته نواب ٽنگڙي ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار زيادتي ڪئي، فريادي ڌر جي وڪيل غلام نبي ميئو عدالت ٻاهران صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ٻنهي نياڻين پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته اسان کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فائرنگ ڪري دهشت پکيڙي وئي ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري ڪري وارن مان جهلي ڊوڙايو ويو، هن ٻڌايو ته  متاثر ناري فضا راجپوت چيو گرفتار ٿيل جوابدار نواب ٽنگڙي ۽ هڪ نامعلوم زيادتي ڪئي، جڏهن ته ڪنول راجپوت جو چوڻ هو ته هن سان علي نواز ٽنگڙي زيادتي ڪئي، وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي نارين جو اهو پڻ چوڻ آهي ته زيادتي ۽ اغوا وقت ڄاڻايل جوابدارن کان وڌيڪ هٿياربند اتي موجود هئا، جوابدار علي نواز ٽنگڙي کي پوليس اڃان تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي، ڪُل گرفتار ڪيل 15جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، وڪيل غلام نبي ميئو موجب گذريل ڏينهن آيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ جسم تي نشان نه هئڻ جو ذڪر ڪيل آهي جنهن جي قانوني ڪابه حيثيت ناهي، جاچ آفيسر ايس ايڇ او قادر بخش بھراڻي جو چوڻ هو ته مون کي جاچ ملڻ بعد وڌيڪ ٽي جوابدار گرفتار ڪيا آهن باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ اڃان تائين فائنل ميڊيڪل رپورٽ ناهي آئي، هوڏانهن سنڌياڻي تحريڪ جو وفد مرڪزي صدر سبحاني ڏاهري ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري جي اڳواڻي ۾ ڊگهڙي عدالت پهچي متاثر نارين سان ملاقات ڪري کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *