جهنگ- فيصل آباد روڊ تي تيز رفتار بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 19 مسافر اجل جو شڪار، 12 زخمي

لاهور(اي پي پي) جهنگ- فيصل آباد روڊ تي گذريل رات دير سان تيز رفتار بس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 19 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ بس ۽ ٽرالر ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. ٺيڪريوالا ٿاڻي جي انچاج انويسٽيگيشن ٻُڌايو ته رات جو اڍائي وڳي لاهور کان فيصل آباد رستي ليا ويندڙ مسافر بس تيز رفتاريءَ سبب اڏاسوهل پنيره ويجهو بهاولپور ويندڙ هڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثو ايڏو خوفناڪ هو جو ان ۾ 19 مسافر اجل جو شڪار، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا. حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي پر بس ۽ ٽرالر جا ڊرائيور فرار ٿي چڪا هئا. پوليس اختيارين موجب ڊرائيور بس کي انتهائي تيز رفتاري سان هلائي رهيو هو ته اوچتو هڪ گڏهه گاڏو ان جي سامهون اچي ويو. ڊرائيور گڏهه گاڏي کي بچائڻ لاءِ ايمرجنسي بريڪ لڳايو پر بس ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون پڻ حادثي واري هنڌ پهچي ويون ۽ اجل ٿيل شڪار ماڻهن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي 5 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *