جهموريت خلاف ٿيندڙ سازشن تي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: بلاول ڀٽو

لاهور (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جهموريت خلاف ٿيندڙ سازشن تي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، آمراڻي دور ۾ انتهاپسندي کي هٿي ملي هئي. جهموريت جي عالمي ڏهاڙي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جهموريت جو تسلسل قومن کي مضبوط ڪندو آهي، جهموريت جو تسلسل برقرار رهڻ گهرجي.هن چيو ته عوام سدائين جهموري قوتن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، جهموريت خلاف ٿيندڙ سازشن جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.هن چيو ته آمريت جي دور ۾ انتهاپسندي کي هٿي ملي هئي جنهن سبب ملڪ کي بدترين دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پيو. بلاول ڀٽو چيو ته جهموريت جي مضبوطي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو، جهموريت خلاف سازشون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *