جهلم ۾ شادي تقريب دوران شراب پيئڻ سبب 10 ڄڻا فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل

جهلم (اين اين آءِ) ڪرسچن ڪالوني ۾ ذريعلو شراب پيئڻ سان هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا فوت پنجن جي حالت نازڪ اطلاعن موجب جهلم جي ڪرسچن ڪالوني ۾ هڪ شادي جي تقريب دوران زهريلو شراب پيئڻ سان هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ۽ پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي متاثر ماڻهن کي راولپنڊي اسپتال پهچايو ويو پر اها ڄاڻ نه ملي سگهي ته شراب ڪٿان گهرايو ويو هو ذريعن ٻڌايو ته زهريلو شراب انهن ماڻهن پاڻ تيار ڪيو هو واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي ويئي ۽ ڪيس داخل ڪري جاچ جو آغاز ڪيو ويو. ياد رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ لاهور ۾ به زهريلو شراب پيئڻ سان 12 ڄڻا فوت ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *