جهانگير ترين ۽ عليم خان جو مقصد اقتدار ۾ اچي فائدو کڻڻ هو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته کيس حڪومت ڪيرائڻ واري منصوبي جي ڄاڻ گذريل سال جولاءِ ۾ ئي پئجي وئي هئي. خاص پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جا خدشا هئا ان لاءِ هو نه پيو چاهي ته ڏکئي وقت ۾ انٽيلجنس چيف تبديل ٿئي، ان ڳالهه تي اهو تاثر ڏنو ويو ته مان جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي گذريل گرمين ۾ اندازو ٿي ويو هو ته جڏهن آمريڪا افغانستان مان ويندو ته اتي گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي جنهن جا اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا ۽ پيا به، اسان جا فوجي شهيد ٿيا، مان چاهيان ٿو ته هڪ انٽيليجنس چيف پنجن سالن کان آهي اهو ڏکئي وقت ۾ به موجود رهي. عمران خان چيو ته ٻيو مون کي اها به ڄاڻ هئي ته هي ن ليگ وارا ري انٽريي ڪرڻ وارا آهن، هي جيڪو هنن هاڻي ڪيو آهي مون کي گذريل سال جولاءِ کان خبر پوڻ شروع ٿي وئي هئي ته هنن پورو پلان ٺاهيو آهي حڪومت ڪيرائڻ جو، ان لاءِ مان نه پئي چاهيو ته جيستائين سيارو نڪري وڃي اسان جو انٽيليجنس چيف تبديل ٿئي ۽ اها ڪا ڳجهي ڳالهه نه هئي، مان پنهنجي ڪابينا ۾ سرعام چيو هو ته جڏهن اوهان تي ڏکيو وقت آهي ته اوهان پنهنجا انٽيليجنس چيف تبديل نه ڪندا آهيو ڇو ته اهي ئي حڪومت جون اکيون ۽ ڪن هوندا آهن. هن چيو ته هتي اهو تاثر ويو ته مان جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ چاهيان ٿو، مان اڄ تائين ميرٽ خلاف ڪو فيصلو ناهي ڪيو، مان اهو سوچي به نٿو سگهان ته آرمي چيف جي معاملي تي ميرٽ کانسواءِ ڪو فيصلو ڪريان، مان ته چاهيندس ته منهنجي فوج جو ادارو مضبوط هئي، اهي شيون پکيڙيون ويون ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿو جنرل فيض کي پر منهنجي ذهن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي. ساڳئي پوڊ ڪاسٽ ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته قوم تڏهن تباهه ٿيندي آهي جڏهن ننڍا چور پڪريو ۽ وڏا ڇڏي ڏيو، جهانگير ترين ۽ عليم خان جو مقصد اقتدار ۾ اچي فائدو کڻڻ هو. سندس چوڻ هو ته عليم خان مون مان اميد ڪري ٿو ته مان سندس زمين ليگل ڪرايان، عليم خان راوي تي 300 ايڪڙو زمين خريد ڪري ليگل ڪرائڻ چاهيندو هو، اتان عليم خان ۽ مون ۾ ويڇا پيدا ٿيا. جهانگير ترين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان جو مسئلو کنڊ بحران هو جنهن تي ڪميشن به ٺهي، جهانگير ترين انهن ماڻهن سان بيهي رهيو جيڪي ملڪ جا سڀ کان وڏا ڦوو آهن، شگر مافيا تي انڪوائري ويهاري ته جهانگير ترين سان اختلاف ٿي پيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *