جهانگير ترين نااهلي وارو فيصلو به پڄاڻي تي ناهي پهتو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ قانون جا ٻه رويا ناهن هوندا، هڪ پاسي هڪ چونڊيل وزير اعظم کي اقامي ۽ پگهار نه وٺڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي ته ٻئي پاسي هڪ شخص کي اهو چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن آف شور ڪمپني هئي ۽ ڊڪليئر نه هئي ته ڪا ڳالهه ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اهو فيصلو به پڄاڻي تي ناهي پهتو، تحريڪ انصاف کي سياسي پارٽي طور اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ جاچ جو چيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *