جنوري 2018 تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويندو: پاڻي بجلي وزارت

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي واري وزارت چيو آهي ته ملڪ مان جنوري 2018 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. 2018 جي آخر تائين 4 هزار ميگاواٽ تائين وڌيڪ بجلي ميسر ٿيندي هلندڙ مهيني جي آخر تائين سرپلس ڊيٽ 310 ارب هوندو. 2015 ۾ سٺين پاليسين سبب 93.4 سيڪڙو وصولي ڪئي وئي جنهن سان 51 ارب رپين جو فائدو ٿيو هلندڙ سال جي آخر تائين داسو پراجيڪٽ جو بنياد رکيو ويندو. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته 2013 ۾ ملڪ اندر بجلي جي کوٽ 5500 ميگاواٽ هئي صنعتن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت شهري علائقن ۾ 12 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي ۾ 14 ڪلاڪ هيو سرپلس ڊيٽ ۾ ماهوار 14 کان 15 ارب رپين جي حساب سان واڌ ٿي رهي هئي 2014 ۾ صنعتن کي زيرو لوڊشيڊنگ سميت سخت مانيٽرنگ سان وصولين کي بهتر بنائڻ جا قدم کنيا ويا. بهتر ڪسٽمر سروس فراهم ڪئي وئي. 2015 ۾ بهتر پاليسين سبب 93.4سيڪڙو رڪوري ڪئي وئي جنهن سان 51 ارب رپين جو فائدو ٿيو اهڙي طرح لائين لاسز جيڪو هميشه 19 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو 2015 ۾ 18 سيڪڙو تائين اچي ويو. ذريعن ٻڌايو ته ماضي ۾ اهو تصور هو ته 15 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ ملڪ ۾ بجلي پيدا نه ٿي ڪري سگهجي ان جي برعڪس 2015 ۾ بجلي جي پيداوار 16 هزار 866 ميگاواٽ جڏهن ته 2016 ۾ 17 هزار 340 ميگاواٽ تائين پهچي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *