جنهن به پارٽي ۾ ڏوهاري هوندا، ڪارروائي ضرور ٿيندي: وڏو وزير

لاڙڪاڻو(بيورو) وزيرا عليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه 4 اپريل 2015 تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 36هين ورسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو جتي هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو،شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڏو مقام آهي جنهن غريب عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ پاڪستان کي مضبوط سياسي ۽ اسلامي قلعو بڻايو، اسلامي سربراهي ڪانفرنس  ڪوٺائي. 4 اپريل 2015 تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ عوامي سمنڊ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد کي خراج تحسين پيش ڪندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي شعور ڏنو ۽ جيئي ڀٽو جو نعرو ڏنو جيڪو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي، ان جون ڪوششون ۽ ڪاوشون تمام وڏيون هيون جنهن جي ڪري هو عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي. هي جلسو رات جو ٿيندو، 11 وڳي کانپوءِ مشاعرو شروع ٿيندو، 12 وڳي کان اڍائي وڳي تائين جلسو منعقد ٿيندو ۽ ان بعد دعائي تقريب منعقد ٿيندي. هن چيو ته انشا الله چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين پ پ پ آصف علي زرداري پڻ هن ورسي ۾ شرڪت ڪندا. هن ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها هڪ وڏي سياسي پارٽي آهي جنهن کي ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ليڪن جنهن به پارٽي ۾ ڏوهاري هوندا ته انهن جي خلاف رينجرس ۽ پوليس قانوني ڪارروائي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي، جمهوريت جي بقا خاطر امن امان جو هجڻ لازمي آهي جنهن لاءِ رينجرس ۽ پوليس جا جوان رات ڏينهن دهشتگردي جي  پاڙ پٽڻ لاءِ ڪوشان آهن. هي آپريشن وفاقي حڪومت جي تعاون سان سڀني صوبن ۾ جاري آهي ۽ بهترين رزلٽ ملي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اپيڪس ڪاميٽي جون گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون آهن جن ۾ امن امان کي قائم رکڻ لاءِ ويچار ڪيو ويندو آهي. هن آپريشن جي منظوري سڀني پارٽين اتفاق راءِ ۽ ڪابينا جي منظوري سان ڏني وئي آهي جنهن لاءِ ڪنهن به پارٽي کي ڪو اعتراض نه هجڻ کپي. ان کان علاوه دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ آئين ۾ 21 هين ترميم ڪئي وئي ڪا به پارٽي فورسز تي تنقيد نه ڪري ڇو ته هي آپريشن ڏوهارين خلاف، دهشتگردن خلاف بغير مت ڀيد جي جاري آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڏوهارين کان لاتعلقي جو اعلان ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها سياسي پارٽي آهي. هن چيو ته رينجرس ۽ پوليس ڏوهن جي خاتمي لاءِ حڪومت پاران مليل اختيارهينئر نه پر ڏيڍ سال کان استعمال ڪري رهيا آهن جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سنڌ حڪومت خاموش آهي اهي سنڌ جو امن امان ڏسي پوءِ ٻڌائين ته سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري، حڪومت جي ڪوششن سان ئي امن امان ٿيو آهي ۽ هن وقت ڪو به ماڻهو اغوا ٿيل نه آهي ان لاءِ عوام کي به فوج ۽ قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تڪراري نه بڻايو وڃي، پارليامينٽ ۽ چار ئي صوبائي حڪومتون فوج سان گڏ آهن. ان موقعي تي وزير اعليٰ پنجاب صوبي ۾ ٻن چرچن تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ پنجاب حڪومت کي تعاون جو يقين ڏياريو. ان بعد وزير اعليٰ سنڌ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 36 هين ورسي جي سلسلي ۾ مزار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي پڻ صدارت ڪئي. جنهن ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو گڏجاڻي کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته واسطيدار کاتن کي ورسي دوران پنهنجيون پنهنجيون ذميواريون سونپيون ويون آهن جن ۾ سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، مزار تي ۽ مزار طرف ايندڙ روٽن تي لائيٽنگ ۽ صفائي جي بندوبست کي يقيني بڻائڻ، مزار تي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ واش رومز لاءِ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، لوڊ شيڊنگ جي صورت ۾ اسٽينڊ باءِ جنريٽرن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ، مزار طرف ايندڙ روڊن جي مرمت کي يقيني بڻائڻ، مزار تي ميڊيڪل ڪيمپيون قائم ڪرڻ، ڊاڪٽرن، ميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائن جي موجود گي يقيني بڻائڻ، ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ، مختلف روٽن تي سائن بورڊ لڳائڻ، وي آءِ پي پارڪنگ ۽ ان کان علاوه ٻيون ٽي پارڪنگ بنگلديرو ۽ رتوديرو روڊ تي قائم ڪرڻ، واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ، فائر برگيڊين کي ريڊي پوزيشن ۾ رکڻ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ادارن کي جيڪي ذميواريون سونپيون ويون آهن انهن ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي سڪيورٽي متعلق ٻڌايو ته سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مزار طرف ايندڙ روڊن، مزار جي اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ٽريفڪ جي نظام کي پڻ بهتر بڻايو ويندو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ ڳالهائيندي چيو ته هي ورسيون ملهايون وينديون آهن ته جيئن پنهنجي اڳواڻن کي هميشه ياد رکي سگهجي ۽ انهن کي مڪمل خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. پ پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايتون جاري ڪيون ته هو پنهنجي رضاڪار نوجوانن کي هدايتون ڏين ته جيئن مزار طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي ايندڙ عوام کي ڀليڪار ڪن. پارٽي ضلعي صدر ايندڙ عوام کي ورسي جون رسمون ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي گهرن تائين پهچڻ ۾ تعاون ڪن، ٽريفڪ جا انتظام بهتر بڻايا وڃن ته جيئن ٽريفڪ ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي ۽ روڊ بلاڪ نه ٿي وڃن ان لاءِ مضبوط ٽريفڪ پلان جوڙيو وڃي، سڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. پارٽي رضاڪارن کي مزار ۽ ان جي آس پاس مقرر ڪيو وڃي جن کي ورديون پڻ ڏنيون وينديون ۽ اهي پنهنجيون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائن. قوم ۽ قومي قيادت 3 فنڪشن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائيندي آهي جيڪي ذميواريون اوهان نڀائيندا آهيو اهي وقت اندر پوريون ڪيون وڃن، هن وڌيڪ واش رومن جوڙڻ لاءِ واسطيدار اختيارن کي هدايت ڪئي ته پلان جوڙي ڏنو وڃي ته جئين شهيد ڀٽو جي ورسي کان پوءِ ضرورت مطابق وڌيڪ واش روم جوڙي سگهجن. ان موقعي تي ايم اين اي محمد اياز سومرو، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، مزار ڪاميٽي جو چيئرمين غلام الله ماهوٽو، خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، ڊي سي لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز ۽ واسطيدار کاتن جا ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ هيڊس موجود هئا. ان بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ عبدالحامد ڀرڳڙي سان سندس والد عبدالغفور ڀرڳڙي جي وفات ۽ پ پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ سان سندس ڀاڄائيءَ جي وفات تي پڻ تعزيت ڪئي ۽ ڌڻي در دعا گهري ته رب العزت مرحومين کي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندن پونيئرن کي هن صدمي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *