جنسي هراساني جي الزامن تي علي ظفر خلاف ٽوئيٽس ڪندڙ بلاگر معافي وٺي ڇڏي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ميشا شفيع طرفان جنسي هراساني جو الزام لڳائڻ کانپوءِ علي ظفر خلاف ٽوئيٽس ڪندڙ عورت بلاگر ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽيويسٽ مهوش اعجاز ڳائڻي کان معذرت ڪري ورتي. مهوش اعجاز جي ڳڻپ پاڪستان جي سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ، بلاگرز ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سرگرم ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿي. هن ڳائڻي ۽ اداڪارا ميشا شفيع طرفان اپريل 2018ع ۾ علي ظفر تي جنسي هراساني جا الزام لڳائڻ کانپوءِ علي ظفر خلاف ٽوئيٽس ڪيا هئا هن ڪيس جي حوالي سان بلاگ به لکيا هئا جن ۾ هن ٻنهي طرفان ڪيل ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو جڏهن ته همدرديون ميشا سان گڏ هيون. مهوش اعجاز علي ظفر جي فلم جي بائيڪاٽ ڪرڻ بابت ويچار ونڊيا هئا. هاڻي هن سمورا ٽوئيٽس واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي ڳائڻي علي ظفر ۽ سندس گهرڀاتين کان معذرت ڪري ورتي آهي. مهوش اعجاز 18 فيبروري تي ٽوئيٽس ذريعي علي ظفر خلاف ڪيل ٽوئيٽس تي وضاحت ڪندي کانئس ۽ سندس گهرڀاتين کان معذرت ڪئي. هن لکيو ته هو علي ظفر ۽ سندس گهرڀاتين کي تڪليف پهچائڻ تي معذرت ڪري ٿي ڇو ته هن طرفان ئي ڪجهه واقعن کي سامهون آڻڻ کانپوءِ سندن ڏکيائين ۾ واڌ ٿي. هن لکيو ته علي ظفر ۽ ميشا شفيع جو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، نتيجا اچڻ وارا آهن ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته مون ائين ڇو ڪيو. هن اعلان ڪيو ته هو علي ظفر تي لڳايل سمورن الزامن وارا ٽوئيٽس واپس وٺي رهي آهي. مشهور بلاگر جي معافي وارن ٽوئيٽس تي ڪيترن ئي ماڻهن تنقيد به ڪئي ۽ ڪجهه کيس معذرت ڪرڻ ۽ غلطي مڃڻ کي بهادري قرار ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *