جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم جي وفد جي ميمبر جي حيثيت سان وائيٽ هائوس واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: آئي ايس پي آر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم عمران خان جي وفد جي ميمبر جي حيثيت سان وائيٽ هائوس واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وائيٽ هائوس ۾ رٿيل اجلاس کانپوءِ پينٽاگون جو دورو ڪندو. هن چيو ته پينٽاگون ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪي جي وقتي بچاءَ واري وزير رچرڊ اسپينسر سان ملاقات ڪندو. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ سان به ملاقات ڪندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪي چيف آف اسٽاف جنرل مارڪ اي ملي سان به ملاقات ڪندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *