جناح گرائونڊ واقعي سان تحريڪ انصاف جا عزم سامهون اچي ويا: حيدر عباس رضوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ حيدر عباس رضوي پاران هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ چوڻ هو ته عمران اسماعيل ۽ ان جي ساٿين جي بدامني ڦهلائڻ جي مذمت ڪريون ٿا عمران اسماعيل پنهنجي ڪارڪنن جي وڏي تعداد سان اوچتو جناح گرائونڊ پهتو هو هن الزام مڙهيو ته پي ٽي آءِ جي  ڪارڪنن شهداءِ جي يادگار تي بيهي گاريون ڏنيون، ڏوهاري عنصرن جناح گرائونڊ جي چوطرف لڳل الطاف حسين جون تصويرون ڦاڙي ڇڏيون ان کانپوءِ عمران اسماعيل پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب پهتو ۽ ڪرسين تي زبردستي ويهي پريس ڪانفرنس شروع ڪري ڏني پريس ڪلب انتظاميه جي منع ڪرڻ تي انهن کي به گهٽ وڌ ڳالهايو حيدر عباس جو چوڻ هو ته چونڊڻ ۾ حصو وٺڻ سمورين پارٽين جو آئيني حق آهي جڏهن ته جناح گرائونڊ واقعي سان تحريڪ انصاف جا عزم کلي سامهون اچي ويا آهن هو طاقت جي زور تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿا جمهوريت جو مطلب صرف چونڊون نه پر عوام جي دل کٽن هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *