جمهوري نظام ختم ٿيڻ نه گهرجي، آئين ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ضروري آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڇوٽو گينگ جي سنڌ ۾ داخلا روڪڻ لاءِ سرحدون سيل ڪيون آهن، سنڌ ۾ به ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري امن بحال ڪرايو ويندو، خابرو ادارن موجب جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته رينجرز کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي، سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم باوجود وفاق سنڌ جا حق کائي ويٺو آهي، وزير اعظم سان شڪايت باوجود وفاق هٺ ڌرمي تان نٿو لهي، ارڙهين ترميم کانپوءِجيڪي کاتا سنڌ حڪومت وٽ هجڻ گهرجن ها، اهي وفاق وٽ آهن، وڏي وزير چيو ته ڇوٽو گينگ جي امڪاني داخلا روڪڻ لاءِ پنجاب سان لڳندڙ سرحد سيل ڪري چوڪسي وڌائي ڇڏي آهي.ملڪ جي ترقي لاءِ جمهوري نظام ضروري آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ٿيڻ گهرجي، خابرو ادارن موجب ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته اهڙو ماحول نه آهي جو اسيمبليون ٽوڙيون وڃن، حڪومت کي پنج سالن جو مدو پورو ڪرڻ کپي، آئين ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيون ٿا، سندس چوڻ هو ته مڪاني نظام جو عمل عدالتي حڪم موجب مڪمل ڪيو ويندو ۽ قانون ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا جيڪي اختيار آهن اهي ضرور ڏنا ويندا.  سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو عوام موجوده اسيمبلين کي پنجن سالن لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان مينڊيٽ جو سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي. ۽ اسيمبلي کي تحليل ڪرڻ واري تجويز بابت بي بنياد افواهن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت نه آهي. اها ڳالهه اڄ هن نيشنل هاءِ وي اين-5 روڊ جناح ٽرمينل کان قائد آباد فلاءِ اوو جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، وڏي وزير جو پوليٽيڪل ڪوآرڊينيٽر صديق ابو ڀائي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ٻيا موجود هئا. انهيءَ موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاناما ليڪس جي آزاداڻي جاچ لازمي هئڻ گهرجي پر ان جو مطلب هرگز ايئن نه آهي ته جمهوري نظام کي نقصان پهچايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي ماڻهن جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن انڪري اسان ڪنهن کي به ان نظام کي ڊي ريل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هڪ ٻيو سوال ته نئين مينڊيٽ لاءِ اسيمبلين کي تحليل ڪرڻ جي تجويز آهي جي جواب ۾ هن چيو ته اهو بلڪل بي بنياد ۽ من گڙت آهي. هن چيو ته ڪجهه عنصر جمهويت کي سبوتاڙ ڪرڻ چاهين ٿا پر اهي مذموم عناصر ڪڏهن به پنهنجي عزائم ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته مڪاني ادارن جي ناظمن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ٻن مهينن جي مدت ۾ سموري قانون سازي به ڪئي ويندي ۽ ٻه مهين واري عرصي ۾ مڪاني نظام کي فعال ڪيو ويندو. انهيءَ کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سان گڏ نيشنل هاءِ وي اين-5 روڊ جناح ٽرمينل کان قائدآباد جيڪو ٽن ڪلو ميٽرن تي ٻڌل آهي جي بحالي/ٻيهر تعمير جو سنگ بنياد رکيو. ان منصوبي جي لاڳت 785.217 ملين رپيا آهي ۽ اهو هڪ سال جي مدت ۾ مڪمل ٿيندو. ان جو ڪانٽريڪٽ ايف ڊبليو او کي ڏنو ويو آهي. نيشنل هاءِ وي (اين-5) ڪراچي جي هڪ وڏي هاءِ وي آهي جيڪا ٺٽي/حيدرآبادکي شاهراه فيصل نزد جناح ٽرمينل کي ملائي پئي. ان روڊ تي نه رڳو ٺٽي ۽ حيدرآباد لاءِ ڪمرشل ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ روان دوان هوندي آهي بلڪه ڪراچي جي اوڀر واري حصي تي اهم ۽ وڏا صنعتي سيڪٽر به واقع آهن جنهن ۾ پورٽ قاسم، ايڪسپو پروسيسنگ زون، ڪراچي اسٽيل ملز، لانڍي ۽ بن قاسم انڊسٽريل ايريا کي ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم سان ملائيندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اهو تاثر ڏنهو پيو وڃي ته حڪومت نوان روڊ ته تعمير ڪرائي پئي پر پراڻن روڊن کي نظر انداز ڪري رهي آهي جيڪو سچ نه آهي. هن چيو ته اسان پراڻن روڊن جي بحاليءَ لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اهو اين-5 پروجيڪٽ ان جو ئي حصو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *