جمهوري قوتون گڏ ٿي پاڪستان کي مسئلن کان ڪڍي سگهن ٿيون: رضا رباني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني جو چوڻ آهي ته وفاق طرفان 18 هين ترميم تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي جڏهن ته جڪيڏهن 22 هين ترميم اچي ٿي ته ان کي ايوان سامهون رکيو ويندو، سينيٽ چيئرمين رضا رباني قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني عوام جي خواهشن تي پورو لهڻ جو عهد به ڪيو، هن چيو ته پاڪستان هن وقت نهايت ئي مشڪل صورتحال ۾ گهيريل آهي، اندروني ۽ ٻاهرين مسئلن مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سموريون جمهوري قوتون پاڻ ۾ اتحاد کي يقيني بڻائين هن چيو ته فاٽا جي حوالي سان صدارتي آرڊر جاري ٿي چڪو آهي، هاڻ اليڪشن ڪميشن صدارتي آرڊر مطابق اليڪشن ڪرائي سينيٽ چيئرمين چيو وفاق طرفان 18 ترميم تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي جڏهن ته 22 هين ترميم ايندي آهي ته ان کي ايوان سامهون رکيو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *