جمهوريت ۽ پاليسين جو تسلسل نه رهيو ته پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو نيب تي سپريم ڪورٽ جو جج ويهاريو ويو ۽ جج صاحب پنهنجي مرضي جو ٽرائل ڪرايو ۽ فيصلو ڪيو جڏهن ته فيصلي کان پوءِ اپيل به ان ئي جج صاحب وٽ ويندي. پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين 18 وزير اعظم گذري چڪا آهن پر هڪ کي به آئيني مدو پورو ڪرڻ ناهي ڏنو ويو، آئين کي ٽوڙيو ويو، وزير اعظم کي ڦاهيون ڏنيون ويون، ملڪ بدر ڪيو ويو، ڇا عوام جي ووٽ کي ائين ئي ذليل ڪيو ويندو. انهن سوالن جو جواب سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ اسان سڀني تي فرض آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پاليسين جو تسلسل نه رهيو ته پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو. آئون سمجهان ٿو ته يوسف رضا گيلاني جو معاملو نااهلي تائين نه وڃڻ گهرجي ها، پنهنجي نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيان ٿو پر ان سان اختلاف به آهن،  مون جيڪي قربانيون ڏنيون انهن جو فائدو ملڪ کي هئڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي پهريون ڀيرو صدر ڪڍيو، ٻيون ڀيرو ڊڪٽيٽر هاءِ جيڪر بڻائي ڇڏيو ۽ ٽيون ڀيرو پٽ جي ڪمپني کان پگهار وٺڻ تي عدليه مون کي ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻ نيب ۾ پهرين ڀيرو خانگي ڪاروبار جو ريفرنس تيار ڪيو پيو وڃي، معاملو اڄ جو ناهي، منهنجي اسڪول جي دور جو آهي، 1973ع ۾ منهنجي والد پرڏيهه ملڪ وڃي سيڙپڪاري ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *