جمهوريت دشمن اصل ۾ ملڪ دشمن آهن، هر حال ۾ جمهوريت جي حفاظت ڪنداسين: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر):سنڌ جي اطلاعات ۽ تعليم واري سينيئر وزيرنثار احمد کهڙو چيو آهي ته آزاد ميڊيا جي موجودگي ۾جمهوريت ڪڏهن به ناڪام نٿي ٿي سگھي ۽ جمهوريت جي ناڪامي جي باري ۾ سوچيندڙ اصل ۾ خيالي دنيا ۾ رهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ فائونڊيشن(پي ايم ڊي ايف) پاران آزاد ميڊيا ۽ جمهوريت تي ان جي اثرن جي موضوع تي  ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميڊيا عوام جي راءِ سامهون آڻيندي آهي جيڪو جمهوريت جي بقا ۽ ان جي تسلسل لاءِ نهايت ضروري آهي. جمهوريت ان ئي وقت ترقي ڪندي آهي جڏهن عوام جي راءِ کي اهميت ڏني وڃ

جيڪا آزاد ميڊيا جي ذريعي سامهون ايندي آهي. هن چيو ته ميڊيا هر دور ۾ خاص ڪري آمرن خلاف جهدوجهد ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ هراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت عوام آڏو جواب  ڏيندڙ آهي ڇو ته اها انهن لاءِ ئي هوندي آهي. جمهوريت خلاف سازشون ڪندڙ اصل ۾ ملڪ جي خلاف سازشون ڪندا آهن. جنهن  خلاف جهموري قوتن کي ملي ڪري آواز اٿارڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت لاءِ صحافين جون قربانيون ڪنهن کان لڪل ناهن. هن چيو ته اسان جي اڳواڻن جمهوريت لاءِ پنهنجي جانين جا نظرانا ڏنا آهن ۽ اسان ان جي هر حال ۾ حفاظت ڪنداسين. هن چيو ته ميڊيا کي اظهار راءِ جي آزادي فقط جمهوري دور ۾ ئي هوندي آهي ۽ اسان ان ڳالھ کي يقيني بڻائينداسين ته اها آزادي برقرار رهي. هن چيو ته ميڊيا تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ان آزاد ميڊيا جو استعمال ڪندي حدن جو خيال رکي جنهن جو کين پاڻ تعين ڪرڻو پوندو. پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرپرسن دردانه شهاب چيو ته فائونڊيشن جي قيام جو مقصد صحافين جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين لاڳاپيل فورم تي آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته فائونڊيشن معاشري جي مختلف اسٽيڪ هولڊرز ۽ صحافين جي وچ ۾ صحتمند مباحثن کي فروغ ڏيڻ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي. ۽ اڄ جي تقريب جي منعقد ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي آهي. ان موقعي تي سنڌ مدرسته الاسلام جي وائيس چانسلر محمد علي شيخ، متحده قومي مومينٽ جي خواجا اظهارالحسن، جماعت اسلامي جي محمد حسين محنتي، تحريڪ انصاف جي عمران اسماعيل، مسلم ليگ (ق) جي حليم عادل شيخ، جميعت علماءَ اسلام جي حافظ حسين احمد، معروف صحافين مختار عاقل ۽ مظهر عباس به خطاب ڪندي جمهوريت تي آزاد ميڊيا جي اثرن تي تفصيل سان روشني وڌي جڏهن ته معروف صحافين امين يوسف، جي ايم جمالي، عابد علي سيد، صلاح الدين حيدر، امتياز خان فاران، نسيم عاصمي، مهناز الرحمان، مقصود يوسفي ۽ منور مرزا به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *