جمهوريت جي تقاضا آهي ته سمورا ادارا آئين جي حدن اندر رهي ڪم ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جمهوريت جي تقاضا آهي ته سمورا ادارا آئين ۾ ڏنل حدن اندر رهي ڪم ڪن. جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام اڳوڻي صدر چيو ته جمهوريت چونڊون منعقد ڪرائي اقتدار سياسي پارٽين ۽ ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جو نالو ئي نه پر قانون جي حڪمراني آئين جي حدن جو احترام، برداشت ۽ سياسي مخالفن جي راءِ جو احترام ڪرڻ جو نالو آهي، ماضيءَ ۾ نظريه ضرورت کي استعمال ڪري جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو ۽ نام نهاد ليگل فريم ورڪ آرڊر ۽ پي سي او جاري ڪيا ويا. اڳوڻي صدر چيو ته دهشتگرد ۽ انتهاپسند ذهنيت کان به جمهوريت کي خبردار رهڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ايجنڊا طاقت جي زور تي مڙهڻ چاهين ٿا. اڳوڻي صدر سڄي دنيا جي جمهوري قوتن خاص ڪري پاڪستان جي جمهوري طاقتن کي اڄوڪي ڏينهن تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان جي عوام کي جمهوريت کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. آصف علي زرداري، شهيد ذوالفقار علي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ انهن سمورن سياسي اڳواڻن ڪارڪنن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن جمهوريت لاءِ قربانيون پيش ڪيون. هن چيو ته انهن سمورن ماڻهن جي قربانين جي ڪري آمريت پاڪستان ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *