جمهوريت جو راڳ الاپيندڙ مڪاني چونڊون ڇو نٿا ڪرائين: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته پاڪستانجي آبادي 20 ڪروڙ ٿي چڪي آهي ان ڪري سٺي حڪمراني ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ جي آبادي تي هڪ صوبو هئڻ گهرجي، لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي پنجابي سرائيڪي آرگنائزيشن ڪميٽي جي اجتماع کي خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي ڪجهه خاندانن موروثي سياسي نظام مڙهي ڇڏيو آهي ۽ پورو پورو خاندان حڪومت ۾ اچي ٿو وڏا وڏا ليڊر دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جي پارٽي غريبن جي نمائنده پارٽي آهي ۽ هو غريبن ۽ مڊل ڪلاس ماڻهن جو انقلاب آڻيندا پر ان جي چوڌاري جاگيردار، وڏيرا ۽ دولت مند ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ جڏهن ته چونڊن جو وقت اچي ٿو ته غريبن ۽ مڊل ڪلاس جي نوجوانن بجاءِ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي ٽڪيٽ ڏين ٿا الطاف حسين چيو ته جن جي آسي پاسي جاگيردار، وڏيرا ۽ دولتمند هوندا اهي ملڪ ۾ غريب ۽ هيٺين طبقي جو انقلاب نٿا آڻي سگهن ملڪ ۾ مڊل ڪلاس انقلاب اها ئي پارٽي آڻي سگهي ٿي جنهن جي قيادت پاڻ مڊل ڪلاس هجي هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي ٿي چڪي آهي ان ڪري سٺي حڪمراني ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ آبادي تي هڪ صوبو هئڻ گهرجي وڌ کان وڌ صوبا ملڪ ۽ عوام ٻنيه جي مفاد ۾ آهن جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ سسٽم جمهوريت جي نرسري آهي ته جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ لوڪل گورنمينٽ سسٽم نافذ ڇو نٿا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *