جماعت الدعويٰ سميت پابندي مڙهيل تنظيمن جا اثاثا منجمد

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان،گڏيل قومن پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ بعد جماعت الدعويٰ سميت سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا،پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن کي ملندڙ پرڏيهي فنڊز جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، اميد ته بارڪ اوباما ڀارتي دوري دوران نريندر موديءَ کان سرحد تي اڳرائي بابت وضاحت طلب ڪندو. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي تسنيم اسلم ٻڌايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پابندي لڳائيندڙ ڪميٽي جي فهرست ۾ شامل سمورين تنظيمن جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا جن ۾ جماعت الدعويٰ به شامل آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن کي ملندڙ پرڏيهي امداد جي مانيٽرنگ ۽ دهشتگردن جي مدد ڪندڙن تي به نظر رکي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته شرپسندن جي مالي مدد ڪندڙن جا اڪائونٽس بند ڪيا پيا وڃن،جڏهن ته دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ سفر ڪرڻ تي به پابندي مڙهي وئي آهي. پرڏيهي ترجمان واضح ڪيو ته قومي ايڪشن پلان جوڙڻ واري فيصلي جو آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي دوري سان ڪو به تعلق ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته وفاقي وزير رياض پيرزادو پنهنجي بيان جي اڳ ئي وضاحت ڪري چڪو آهي. تسنيم اسلم چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ مذهب جي نالي تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت ۾ زبردستي هندو بڻائڻ واري مهم انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن کي ساڙڻ واري واقعي تي به ڳڻتي آهي. هن چيو ته براڪ اوباما جو نئين دهلي وارو دورو ڀارت ۽ آمريڪا جو گڏيل معاملو آهي، ان تي پاڪستان کي ڪي به خدشا ناهن، اميد ته آمريڪي صدر ڀارتي دوري دوران ڪنٽرول لائين تي ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *