جماعت اسلامي پاران ڪرپشن خلاف پهرين مارچ کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان

لاهور(م.ڊ)جماعت اسلامي ڪرپشن خلاف پوري ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،تحريڪ جي شروعات پهرين مارچ خيبرپختونخوا کان ڪئي ويندي.جماعت اسلامي جي مرڪز منصورا ۾  ٿيل اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪرپشن سبب مهانگائي ۽ بدامني قوم جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،جماعت اسلامي ڪرپشن خلاف ڀرپور تحريڪ هلائيندي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هر ڏينهن 12 ارب ۽ سال تي 4320 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي،سندس چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف تحريڪ هڪ قومي فرض آهي،ملڪ جي سڀني باضمير ۽ ڪرپشن خلاف ڳالهائيندڙن کي هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا.سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪرپشن قومي سلامتي،جمهوريت ۽ چونڊ واري عمل لاءِ خطرناڪ ٿي وئي آهي،پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *