جماعت اسلامي سراج الحق کي سينيٽ جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

لاهور (م.ڊ) سينيٽ چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي پارليماني بورڊ جو اجلاس المرڪز اسلامي پشاور ۾ ٿيو اجلاس جي صدارت جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي ۽ پارليماني بورڊ لياقت بلوچ ڪئي جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري شبير احمد خان پاران جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ جماعت  اسلامي خيبرپختونخواهه جو امير پروفيسر محمد ابراهيم خان نائب امير ڊاڪٽر محمد اقبال خليل، مشتاق احمد خان جماعت اسلامي فاٽا جي امير صاحبزاده هارون رشيد سميت جماعت اسلامي جي صوبايئ اسيمبلي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي شبير احمد خان ٻڌايو ته اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته امير جماعت اسلامي سراج الحق جماعت پاڪستان پاران سينيٽ جو اميدوار هوندو جڏهن ته امير جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه پروفيسر محمد ابراهيم خان ڪورنگ ڪينڊيڊيٽ هوندي ان حوالي سان ڪئمپن ڪميٽي به جوڙي ويئي آهي جنهن جو سربراهه صوبائي سينيئر وزير ۽ وزير بلديات عنايت الله خان هوندو جيڪو ان حوالي سان ڪئمپن هلائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *