جماعت اسلامي زلزلي سٽيلن جي بحالي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا فراهم ڪري ڇڏيا ، صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت جنگي بنيادن تي بحالي پلان جوڙين: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جو امير سراج الحق مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن کان جنگي بنياد تي زلزلي سٽيل ماڻهن کي بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل رٿا شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو ته جماعت اسلامي فوري طور امدادي ۽ بحالي جي ڪمن لاءِ 20 ڪروڙ رپيا فراهم ڪري ڇڏيا آهن سڄي ملڪ جي زلزلي سٽيل علائقن ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن ۽ الخدمت جا خدائي خدمتگار 4520 جي انگ ۾ متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحالي جي ڪمن ۾ مصروف آهن هو صوبائي امير مشتاق احمد خان سان گڏ متاثر علائقن دير پائن دبالا باجوڙ بونير ۽ سوات جي ٻن ڏينهن واري دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ المرڪز پشاور ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو هن چيو ته ڪراچي لاهور راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ صاحب حيثيت دل کولي اسان سان مصيبت ماريل ڀائرن جي مدد لاءِ تعاون ڪيو آهي هن وقت تائين اسان 47 لک رپين جا خيما، 38 لک 50 رپين جا ترپال 16 لک رپين جو غذائي پئڪيج ۽ 10 لک رپين جا هنڌ ۽ ٻه لک رپين جا ڪمبل فراهم ڪري چڪا آهيون هن چيو ته هي قومي اهميت جو فوري مسئلو آهي ان لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو ڪم جاري آهي ۽ سڄي قوم کي اپيل آهي ته 2005 جي ڪشمير ۽ بالاڪوٽ جي زلزلي ۾ جنهن جذبي جو اظهار ڪيو ويو هو ان کان وڌيڪ عزم ۽ همت جي ضرورت آهي سراج الهق چيو ته خيبرپختونخواهه جي متاثر علائقن کي جماعت اسلامي ٽن زونز ۾ ورهايو آهي ديربالا ۽ چترال ۾ سينيئر صوبائي وزير عنايت الله خان جي نگراني ۾ آپريشن جاري آهي جنهن ۾ اتان جا ايم پي ايز ضلعي ناظم ۽ چونڊيل بلدياتي نمائندن سميت ضلعن جي اميرن جي قيادت ۾ جماعت الامي جون سموريون تنظيمون شامل آهن ضلعي دير پائن ۽ چترال ۾ آپريشن جي نگراني صوبائي ناڻي وزير مظفر سيد ڪري رهيو آهي ايم پي ايز، ضلعي ناظم ۽ ضلعن جا امير انهن سان گڏ آهن بونير سوات ۽ شانگلا ۾ امدادي آپريشن جي نگراني صوبائي وزير زڪوات حبيب الرحمان ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *