جمائمه وڌيڪ مني ٽريل ۽ بند اڪائونٽن جا تفصيل موڪلي ڇڏيا آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته حڪمران فوج کي بدنام ۽ جمهوريت کي تباهه ڪري رهيا آهن ملڪ ۽ تڪڙيون ڇونڊون ڪرايون وڃن، احسن اقبال  پرڏيهي دنيا کي ٻڌائن لاءِ ڄاڻي واڻي  رياست اندر رياست لفظ استعمال ڪيو، مان 20 سال ٻآهر ڪمائي ڪئي ۽ سمورو پيسو پاڪستان ۾ آندو ۽ عدالت جي اڳيان 40 سالن جو مني ٽرائيل ڏنو آهي منهن جي ڀيٽ ملڪ جي سڀ کان وڏي ڏوهاري سان ڪئي پئي وڃي. شاه محمود قريشي کي اپوزيش ليڊ ر ٿيڻ گھرجي، فيصلو اپوزيشن پارٽين سان صلاح کانپوءَ ڪيو ويندو، ذريعن موجب  پي ٽي آئي جي پارليماني پارٽِي جو اجلاس سومر تي بني گالا ۾ پارٽي جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪ  جي گڏيل سياسي صورتحال نوازشريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ رينجرز جي مقرري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي تبديلي سميت مختلف معاملن  تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس دوران اپوزيشن ليڊر جي تبديلي سان لاڳاپيل فيصلي جو اختيار عمران خان کي ڏنو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائنيدي عمران خان چيو ته نوازشريف جي پيشي جي موقعي تي نيب ڪورٽ جي ٻاهران ڊرامو ڪيو ويو. اسان جي فوج کي بدنام ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي وزير آصف به امريڪا جي دوري دوران جيڪي بيان ڏنا اهي سڀ توهان جي سامهون آهن. اهڙن بيانن سان پاڪستان جي وڌيڪ بدنامي ٿي رهي آهي.  عمران خان نون ليگ ۽ نوازشريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ملڪ کي جنهن رستي تي وٺي آيا آهن ضروري اهي ته ملڪ ۾ چونڊون ٿين. قومي اسيمبلي اليڪشن بل جي مخالفت ڪنداسين، هن چيو ته نيب ڪورٽ جي ٻآهران ڇاٿيو آهي ڇا احسن اقبال کي خبر نه هئي ته ايس ايس پي رينجرز جي مقرري جي درخواست ڪئي هئي. آئون وفاقي وزير کان پڇان ٿو ته انکي جمهوريت جي اسپيلنگ به اايندي آهي؟ هن چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ڏوهاري سان منهنجي ڀيٽ ڪئي پئي وڃي. مان ڪمائي جو سمورو پيسو بينڪنگ چينل ذريعي پاڪستان ۾ آندو آهي. شريف خاندان کان پڇو  ويو ته اربين روپيا ڪيئن آيا ته انهن هڪ به ٽرانسيڪشن نه ٻڌائي . هن چيو ته جمائمه جيڪا رقم منهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي اها مونکي ملي وئي آهي. مريم صفدر جيڪي اربين رپين جي جائداد ورتي اهو نوازشريف جو پيسو هو جيڪو ملڪ کان ٻآهر هيو.  هن چيو ته ڇا نون ليگ ۽ شاهد خاقان عباسي جو اهو ڪم آهي ته ايتري وڏي ڏوهاري جي چوري کي بچائين. اڄ هي نوازشريف کي پارٽِي جو قائد بڻائي رهيا آهن ته  سڀاڻي ڪنهن  قاتل کي به اجازت ڏئي ڇڏيندا ته هو وڏو بڻجي وڃي. هن چيو ته شڙيف  خاندان 1984 سٺ لک رپين ۾ اپارٽمينٽ خريد ڪيا هئا، جڏهن انهن کان  پڇو ويو ته پيسو ملڪ کان ٻاهر ڪيئن ويو ته هنن هڪ به بينڪنگ ٽرانسيڪشن نه ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *