جمائما پاران عمران خان کي اڳواٽ شاديءَ جون مبارڪون، اڄ سڀاڻي نڪاح ٿيندو

لنڊن (م.ڊ) عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائمه خان پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ عمران خان کي ٻي شادي جي اڳواٽ مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته عمران خان زندگي جي نئين سفر ۾ خوش رهندو. پنهنجي پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته پاڪستانين هميشه مونکي محبت ڏني، هميشه پاڪستان سان پيار ڪندي رهنديس.  عمران خان جي ويجهي دوست صاحبزاده جهانگيرچيو آهي ته ٻارڙن عمران خان کي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن جو چوڻ هو ته عمران خان جو نڪاح يا ٻئي ڏينهن ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان لنڊن ۾ 2 ڏينهن ٻارڙن سان گڏ ترسيو پر هن ريحام خان سان ڪابه ملاقات نه ڪئي. هن چيو ته ٻارڙن عمران خان کي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ عمران خان جو نڪاح سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن لنڊن ۾ ٿي ويندو ۽ عمران خان شادي کانپوءِ به ٻارڙن سان ملندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *