جلد شادي جي خوشخبري ٻڌائينديس: جنت مرزا

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي پهريون نمبر ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پنهنجي شادي جي حوالي سان آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.تازو ئي جنت مرزا پنهنجي فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن لاءِ سوال جواب جو هڪ سيشن ڪيو.انسٽاگرام تي مداحن جي سوال ۽ جواب واري سيشن ۾ مداحن طرفان عمربٽ سان شادي جي حوالي سان پڇا ڪئي وئي،هڪ واهپيدار جنت مرزا کان پڇيو ته شادي ڪڏهن ٿا ڪيو؟جنهن جي جواب ۾ جنت مرزا چيو ته تعليم مڪمل ٿيڻ ڏيو، ڊگري ملي وڃي، شادي به ڪندس.ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي اها خبر وائرل ٿي هئي ته جنت مرزا عمر بٽ سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ اسٽار ان خبر جي ترديد ڪري ڇڏي هئي.ان خبر جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ جنت مرزا هڪ خانگي خبر ڏيندڙ اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته الحمد الله! عمربٽ ۽ منهنجي رشتي جي ڳالهه پَڪي ٿي وئي آهي پر في الحال مڱڻي جي ڪا به باقاعدا رسم ناهي ٿي.هن چيو هو ته الله تعاليٰ چاهيو ته عمر بٽ ۽ منهنجي مڱڻي به ٿي ويندي ۽ اها خوشخبري مان سڀني کي ڏيندس.واضح رهي ته پاڪستان جي ناليواري شخصيت، مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ لالي ووڊ جي نئين اڀرندڙ نوجوان اداڪارا جنت مرزا پاڪستان ۾ ٽڪ ٽال تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ شخصيت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *