جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس: عبدالغني مجيد سميت 7 جوابدارن 10 ارب 66ڪروڙ روپين جي پلي بارگين ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي هڪ انڪوائري ۾ عبدالغني مجيد سميت 7 جوابدارن پلي بارگين ڪري ورتي، پلي بارگين ذريعي اها اڳاڙي نيب جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ريڪوري هوندي. سنڌ سرڪار ۽ اسٽيل ملز جي زمينن ۾ گهوٻين جي انڪوائري ۾ عبدالغني مجيد سميت 7 جوابدارن 10 ارب 66 ڪروڙ رپين جي پلي بارگين ڪري ورتي. پلي بارگين ڪندڙن ۾ مک ڪردار عبدالغني مجيد سميت حماد شاهد، طارق بيگ، محمد اقبال، محمد توصيف، محمد عامر ۽ سراج شاهد شامل آهن، عبدالغني مجيد 2 ارب 9 ڪروڙ جي پلي بارگين ڪئي آهي. نيب ذريعن موجب جعلي اڪائونٽس ڪيس جي 28 انڪوائريز مان هڪ انڪوائري سنڌ سرڪار ۽ اسٽيل ملز جي زمينن ۾ گهوٻين بابت جاري آهي. نيب جي حراست ۾ 7 جوابدارن پلي بارگين جي درخواست ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي. جوابدارن 10 ارب 66 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته جوابدارن وٽان 266.175 ايڪڙ زمين به نيب ذريعي سنڌ سرڪار ۽ اسٽيل ملز کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پلي بارگين جي حتمي منظوري احتساب عدالت ڏيندي. نيب ذريعن موجب ڪيس جلد احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 2 جوابدار پلي بارگين ڪري چڪا آهن، جن جي منظوري نيب چيئرمين ڏني هئي. نجي پاور ڪمپنين جي انهن آفيسرن وٽان 2 ارب 12 ڪروڙ رپين جي رڪوري ڪئي وئي هئي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نامزد نوري آباد پاور ڪمپني ۽ سنڌ ٽرانسميشن جي آفيسرن آصف محمود ۽ عارف علي کان نيب فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ ڪئي. نيب موجب جوابدارن سنڌ سرڪار جي عملدارن سان ملي جعلي نيلامي ذريعي ڪرپشن ڪئي. نيب جعلي اڪائونٽس ڪيسز ۾ 25 جوابدارن کي گرفتار ڪري چڪو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته فوج هڪ پيشه ور ۽ مضبوط ادارو آهي، اسان حڪم جي تعميل ۽ سسٽم تحت ڪم ڪندا آهيون. آرمي چيف جهڙي پاسي ڏسندو آهي، فوج اُن پاسي ڏسندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *