جعلي اڪائونٽس ڪيسۡ: نيب آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنسز ۾ 23 ارب وصول ڪري ورتا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ حسين لوائي سميت ٻين جي خلاف ريفرنسز ۾ 23 ارب 85 ڪروڙ رپيا به وصول ڪري ورتا. نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب راولپنڊي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊي جي نيب راولپنڊي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب راولپنڊي احتساب عدالت ۾ ڪوڙي اڪائونٽس ڪيسز جي جاچ کان پوءِ 14 ريفرنس داخل ڪيا ۽ ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 23 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا. نيب جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته نيب ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۾ 23 ارب 85 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ورتا، اِها رقم آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ حسين لوائي سميت ٻين جي خلاف ريفرنس ۾ ريڪور ڪئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب تي بنا جواز تنقيد نه ڪئي وڃي، بنا سبب تنقيد اُهي ڪندا آهن جن کي نيب جي خبر ناهي هوندي، نيب جي خلاف هڪ منظم پروپيگينڊه ڪئي پئي وڃي، هميشه چيو ويو ته مثبت تنقيد کي ڀليڪار ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *