جسٽس گلزار سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو، سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه کانپوءِ جسٽس گلزار احمد کي نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي. سُپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آصف سعيد کوسه 20هين ڊسمبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي، قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جسٽس گلزار احمد کي نئون چيف جسٽس آف پاڪستان بڻائڻ لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي، وزيراعظم سمري جي منظوري ڏيڻ بعد صدر کي سفارش ڪندو ۽ حتمي منظوري بعد قانون واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ايوانِ صدر ۾ حلف برداري تقريب دوران صدر عارف علوي سُپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس کان حلف کڻائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *