جسٽس فيصل عرب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس بڻائڻ جي سفارش

اسلام آباد(بيورو) اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري ڪندڙ جوڊيشل ڪميٽي پارلياماني ڪميٽي کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مقبول باقر کي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ ان جي جاءِ تي جسٽس فيصل عرب کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ بڻائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ اعليٰ عدليه ۾ فاضل ججن جي مقرري جي حوالي سان غور ڪيو ويو ڪميٽي لاڳاپيل پارلياماني ڪميٽي کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس مقبول باقر کي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ ان جي جاءِ تي جسٽس فيصل عرب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جڏهن ته جسٽس (ر) رياض احمد کي چيف جسٽس وفاقي شرعي ڪورٽ بڻائڻ جي سفارش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *