جذبي سان هر چيلينج کي منهن ڏئي سگھون ٿا: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پيشيواراڻي جذبي سان هر چيلنج کي منهن ڏئي سگھون ٿا، مستقبل جي ليڊرشپ پروفيشنل تيارين تي ڌيان ڏي. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چوٿين پاڪستان بٽالين  جو افتتاح ڪيو. افتتاح دوران پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چوٿين پاڪستان بٽالين جي جوانن سان ملاقات ڪري سندن ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چيو ته پيشواراڻي جذبي تي فخر سان گڏ اسين هر چيئلنج کي منهن ڏئي سگھون ٿا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي قربانين تي فخر آهي جيڪو برارقرار رکبو. هن چيو ته مستقبل جي ليڊرشپ پروفيشنل تيارين تي ڌيان ڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *