جديد هٿيارن سان ليس هوائي فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهي: ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ

اسلام آباد (بيورو) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ چيو آهي ته جديد جديد هٿيارن سان ليس هوائي فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فضائيه دهشتگردن تي ڪاري ضرب لڳائي رهي آهي، قدرتي آفتن ۾ پاڪ فضائيه اڳتي وڌيڪ خدمتون انجام ڏنيون، ٻوڏ ۽ آپريشن متاثرن جي مدد ۾ پاڪ فضائيه به شريڪ آهي، ڪميشن حاصل ڪندڙ ڪيڊٽس جي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، هوائي طاقت کي مستقبل جي جنگن ۾ اهميت حاصل ٿي رهي آهي، موجوده دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي جديد ٽيڪنالوجي ۾ مهارت ضروري آهي. پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي رسالپور ۾ 132 هين جي ڊي پائليٽ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ چيو ته ڪيڊٽس ايئرفورس اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار جي تربيت حاصل ڪئي، تربيت حاصل ڪندڙن ۾ عراق، اردن، ڪويت، ليبيا، نائيجيريا، سعودي عرب ۽ زمبابوي جا ڪيڊٽس به شامل آهن. ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ڪيڊٽس جي تربيت پاڪستان تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته موجوده دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي جديد ٽيڪنالاجي ۾ مهارت ضروري آهي، اسان کي  مستقبل ۾ پاڪ فضائيه جي روايتي بهادري ۽ جرئت کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو. طاهر رفيق بٽ چيو ته پاڪ فضائيه جي تاريخ ملڪ جي دفاع ۾ بيمثال قربانين سان ڀريل آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ به پاڪ فضائيه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *