جج پاڻ چئي چڪا آهن ته وزير اعظم صادق امين ناهي رهيو: نثار کهڙو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته ججن به چيو ته وزير اعظم صادق امين ناهي رهيو، ماڊل ٽائون سانحي تي بڻايل جي آءِ ٽي جو ڪهڙو نتيجو نڪتو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته وزير اعظم فوري طور استعفيٰ ڏئي، پهرين دور ۾ به نواز شريف تي ڪرپشن جو الزام مڙهي کيس عهدي تان  هٽايو ويو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي قوم جي اميدن تي پاڻي ڦيريو آهي. سپريم ڪورٽ جا سوال نواز شريف خلاف چارٽ شيٽ آهن. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف استعفيٰ ڏئي جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿئي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي استعفيٰ جو گڏيل مطالبو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *