جج ويڊيو اسڪينڊل: ايف آءِ اي ٽيم جو ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ

ملتان (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي اهم ڪردار ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو هڻي هم دستاويز ۾ قبضي ۾ وٺي ڇڏيا. اسلام آباد جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ملتان ۾ ڪارروائي ڪندي جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي اهم ڪردار ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران اهم دستاويز ۽ ڊوائس قبضي ۾ ورتي وئي. ايف آءِ اي ٽيم ميان طارق جي گهر به وئي ۽ گهر ڀاتين کان ساڍن ٽن ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن کانپوءِ ٽيم اسلام آباد رواني ٿي وئي. واضح رهي ته ايف آءِ اي جج ارشد ملڪ خلاف ويڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدار ميان طارق کي ڪالهه گرفتار ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *