جج ارشد ملڪ جي ويڊيو ٺاهيندڙ مک جوابدار ميان طارق گرفتار، وڊيوز به هٿ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايف آءِ اي جج وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث ملزم طارق محمود کي گرفتار ڪري عدالت کان ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪري ورتو ذريعن موجب جوابدار ميان طارق محمود ملتان جو رهواسي آهي ملزم ملتان جو ڪاروباري شخص آهي ذريعن موجب جوابدار کي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ جي وڊيو ٺاهڻ جو الزام آهي. جوابدار کي ايف سيون مان ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ گرفتار ڪيو جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي طارق محمود کي سول جج شائسته ڪنڊي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جوابدار کي بڪتربند گاڏي ۾ سخت پهري ۾ آندو ويو ايف آءِ اي چيو ته جوابدار احتساب عدالت جي جج جي وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث آهي جوابدار جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي جاچ ڪرڻي آهي عدالت ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪري ورتو عدالت چيو ته جاچ آفيسر جوابدار کي 19 جولاءِ تي ميڊيڪل رپورٽ سان پيش ڪري. ان موقعي تي جج جوادبدار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ڪجهه چوڻ پسند ڪندا ميان طارق محمود چيو ته مون کي گرفتار ڪري مون تي تشدد ڪيو ويو تشدد جي ڪري منهنجون هٽيون ٽٽي پيون آهن ايف آءِ اي ذريعن موجب ميان طارق جي گهر مان وڊيو هٿ ڪري فرانزڪ ڪرايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *