ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي مليل پلاٽ، الاٽمينٽ معطل، منع نامو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي پلاٽن جي الاٽمينٽ تي وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي ايف 14، ايف 15 جي مختلف ڪيٽيگرين جي 4700 پلاٽن جا ڪڻا ڪڍيا ويا هئا، جنهن ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي ۽ پاناما ڪيس جو فيصلو لکندڙ اعجاز افضل خان سميت ناليوارن ججن ۽ بيورو ڪريسي سان واسطو رکندڙ شخصيتن جا به پلاٽ نڪتا هئا. اسلام آباد ۾ ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي پلانٽن جي الاٽمينٽ جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وڏو حڪم سامهون اچي ويو، اسلام آباد هاءَ ڪورٽ ۽ ضلعي عدليا جي ججن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل ڪئي وئي آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منع نامي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت مقامي ماڻهن کي ابن ڏاڏن جي زمينن تان بي دخل ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ڪرپشن ۽ ڏوهن ۾ سزا ماڻيندڙ ججن کي به پلاٽ مليا، سڄي ضلعي عدليا کي پلاٽ مليا ۽ جن جون زمينون ورتيون ويون، اهي انصاف لاءِ ڪاڏي وڃن؟ طيبه ڪيس ۾ سزا ماڻيندڙ، ڪرپشن تي هٽايل ججن کي به پلاٽ مليا. چيف جسٽس پلاٽس ڪيس لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اٽارني جنرل کي ڪيس ۾ مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هائوسنگ سيڪريٽري کي وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کان پڇي ٻڌايو ته رياست جي زمين ڪجهه طبقن ۾ ورهائڻ جو ڪهڙو پيمانو ۽ پاليسي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *