ججز نظر بندي ڪيس: پرويز مشرف جا وڪيل پيش نه ٿيا، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جا وڪيل پيش نه ٿيا، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇونه پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. اسلام آباد جي دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران مشرف جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو آهي ته ڏيڍ سال کان ڪيس هلي پيو ان  تي بحث ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، ڇونه پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. عدالت بعد ۾ پرويز مشرف جي هڪ ڏينهن کان حاضري کان آجو ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو ته پرويز مشرف کي 27 فبروري تي پيش ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 فبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *