ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف پاران جعلي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ججز نظربندي ڪيس ۾ اڳوني صدر پرويز مشرف پاران جعلي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جوا نڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته عدالت ان جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست رد ڪندي هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جمعي تي اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سهيل اڪرام ڪئي ٻڌڻي جي موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل پاران حاضري کان عارضي استثنيٰ جي درخواست ڏيندي ان جي ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي ويئي عدالت ميڊيڪل رپورٽ کي جعلي قرار ڏيندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرويز مشرف مارچ ۾ ٻاهرين ملڪ ويو ته اپريل جو ميڊيڪل عدالت ۾ ڪيئن پيش ڪيو ويو دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت جي جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدار ٻن سالن کان عدالت ۾ پيش نه ٿيو جوابدار ڪنهن به عدالت کان اجازت بنا ٻاهرين ملڪ ڇو ويو جنهن تي مشرف جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڊآڪٽر اجازت ڏي ۽ سيڪيورٽي ڏني وڃي ته منهنجو مئوڪل عدالت ۾ پيش ٿيندو جنهن تي عدالت چيو ته جوابدار ڏيڍ مهيني کان پيش نه پيو ٿئي پوليس عملدارن پاران رپورٽ پيش ڪيئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوني صدر جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ تي عمل ناهي ٿي سگهيو اڳوڻو صدر ٻه سال اڳ ڪراچي ويو ۽ پوءِ گذريل مهيني دبئي هليو ويو عدالت اڳوني صدر جي حاضري کانا ستثنيٰ جي درخواست رد ڪندي هڪ دفعو ٻيهر ان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي گرفتار ڪري 20 مئي تي پيش ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *