ججز نظربندي ڪيس، پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته اڳوڻي صدر خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سهيل اڪرام، اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پرويز مشرف پاران حاضريءَ کان ڇـُوٽ واري درخواست جمع ڪرائي وئي جنهن تي پراسيڪيوٽر عامر نديم تابش اعتراض اٿاريو ته درخواست ميڊيڪل رپورٽ کانسواءِ جمع ڪرائي وئي ان کي منظور نه ڪيو وڃي. عدالت، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست سان گڏ ميڊيڪل رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته جوابدار خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي بيماري جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *