جاگيرداراڻي نظام جي هوندي ملڪ ۾ حقيقي معنيٰ ۾ تبديلي نٿي اچي سگهي : الطاف حسين

لنڊن(م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين رڪنيت سازي مهم دوران پوري ملڪ مان ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چيو آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي جي پري پري وارن علائقن سان گڏوگڏ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزادڪشمير جي سمورن ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن جي شاگردن، وڪيلن، استادن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، مزدورن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نوجوانن، بزرگن ۽ مائرن، ڀينرن ايم ڪيو ايم جي هن رڪنيت سازي مهم ۾ جهڙي طرح ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ جهڙي طرح جوش جذبي سان گڏ ايم ڪيو ايم جي قافلي جو حصو بڻيا اها ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي الطاف حسين چيو ته عوام ان حقيقت کي چڱي طرح سمجهي وئي آهي ته جاگيرداراڻي نظام جي هوندي ملڪ ۾ حقيقي معنيٰ ۾ تبديلي نٿي اچي سگهي ۽ جاگيرداراڻو نظام اها ئي پارٽي ختم ڪري سگهي ٿي جنهن جي قيادت جاگيردارن، وڏيرن ۽ وڏن وڏن سرمائدارن تي نه پر غريبن ۽ پوئتي پيل طبقي سان تعلق رکندي هجي، الطاف حسين جو چوڻ هو ته مون کي يقين آهي ته ايم ڪيو ايم جي قافلي ۾ شامل ٿيندڙ نوان ميمبر پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *