جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏهرڪي جي نارين کي مڙسن سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام قبول ڪندڙ گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن جي مذهب مٽائڻ کي درست قرار ڏيندي پنهنجي مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب ڇوڪريون بالغ آهن جن جون عمريون 19 ۽ 20 سال آهن، ظاهر ۾ هي ڏاڍ ذريعي مذهب تبديل ڪرائڻ جو ڪيس نٿو لڳي، خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن رينا ۽ وينا جي تحفظ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، گهرو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي، گهرو سيڪريٽري چيو ته عدالتي حڪم تي ڇوڪرين جو تحفظ ڪيو آهي، هن چيو ته عدالت اسان کي ڪميشن ميمبرن کي گڏ ڪرڻ جو چيو هو، گهرو سيڪريٽري چيو ته مان ۽ آءِ اي رحمان صاحب ٻئي ڇوڪرن سان ملي انهن کان راءِ وٺنداسين، گهرو سيڪريٽري چيو ته شيرين مزاري ٻي عورت ميمبر سميت ڇوڪرين سان ملي، هن چيو ته ظاهر ۾ هي ڏاڍ ذريعي مذهب مٽائڻ جو ڪيس نٿو لڳي، هن چيو ته ڪميشن جا 2 ميمبر ملڪ ۾ نه هئا، ٻين سڀني سان رابطو ٿي ويو، هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ موجب آسيا جي عمر 19 ۽ ناديا جي 18 سال آهي، گهرو سيڪريٽري ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ به پيش ڪري ڇڏي، پمز جي ميڊيڪل بورڊ رپورٽ موجب آسيا جي عمر 19 ۽ ناديا جي عمر 18 سال آهي، عدالت چيو ته واضح ٿي ويو ته ڇوڪرين خوشي سان اسلام قبول ڪيو آهي، ڪميشن جا ميمبر احترام جوڳا آهن، عدالت ڇوڪرين کي پنهنجن مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏيندي گهرو سيڪريٽري کي ڇوڪرين ۽ سندن مڙسن جي حفاظت جو پابند بڻائي ڇڏيو، عدالت انڪوائري ڪميشن کان 14 مئي تائين آخري سفارشن تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *