جاويد هاشمي پنجاب جي گورنر ٿيڻ کان معذرت ڪري ورتي، راڻا ثنا جي ٿيڻ جا امڪان

فيصل آباد(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صدر مخدوم جاويد هاشمي پنجاب جي گورنر ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي چيو وڃي ٿو ته وفاقي سرڪار کيس انهي عهدي جي آڇ ڪئي هئي جڏهن ته موجوده گورنر محمد سرور کي وفاقي سرڪار پرڏيهه ۾ پاڪستانين جا مسئلا ۽ ٻيا معاملا نبيرڻ لاءِ نئون عهدو ڏيڻ واري هئي جاويد هاشمي جي انڪار کانپوءِ هاڻ حڪومت اهو فيصلو في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين گورنر لاءِ راڻا ثناءُ الله جي نالي تي ويچاريو پيو وڃي مخدوم جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته هو هاڻي پنهنجو علاج ڪرائڻ لاءِ چين ويندو جتان واپس موٽڻ کانپوءِ جيڪڏهن سندس صحت اجازت ڏني ته پوءِ هو پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو ڪندو ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله کي جيڪڏهن گورنر ڪيو ويو ته کيس عدالتي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو پر اهو به آهي ته گورنر طور کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي ڇوٽ مليل هوندي ۽ هن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهندي ياد رهي ته راڻا ثناءُ الله جو نالو ماڊل ٽائون ڪيس جي جوابدارن ۾ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *