ثنا مير هڪ ئي وقت ۾ ۱۸ درجا ترقي ڪندي ۳۷ هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

دبئي (اسپورٽس نيوز) وومينز ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامين ۾ الجهيل پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ آخرڪار سٺي خبر اچي وئي رينڪنگ ۾ ثنا مير هڪ ئي وقت ۾ ۱۸ درجا ترقي ڪندي ۳۷ هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، بالرن ۾ نشرح سنڌو کي به ۱۳ درجا ترقي ملي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جو سفر تمام گهڻو مايسو ڪندڙ رهيو سموري ايونٽ ۾ هڪ به ڪاميابي انهن جي هٿ نه آئي جڏهن ته ڪجهه رانديگرياڻين کي انفرادي طور سٺي راندو پيش ڪرڻ جو صلو رينڪنگ ۾ ملي ويو ان ۾ ڪپتان ثنا مير سڀني کان اڳتي آهي هن بيٽنگ رينڪنگ ۾ هڪ ئي وقت ۱۸ درجا ترقي حاصل ڪندي ۳۷ هين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *