ثقافتي ورثو دنيا جي ثقافتن جو بنيادي پهلو آهي، جيڪو عالمي تهذيب جي اظهار جي شڪل آهي: پرويز رشيد

روٽرڊيم (م.ڊ/اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته بهتر مفاهمت ۽ عالمي امن جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي مختلف ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ ثقافتي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪستان وٽ خاص طور تي آرٽس ۽ ڪرافٽس جي شعبي ۾ ڀرپور ثقافتي ورثو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن ڇهين ايشيا يورپ وزيرن جي ثقافتي ڪانفرنس جي پهرين ابتدائي سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ثقافتي ورثو دنيا جي ثقافتن جو بنيادي پهلو آهي، جيڪو عالمي تهذيب جي اظهار جي شڪل آهي ۽ انساني معاشري جي ترقي جو به ذريعو آهي، هن چيو ته ثقافت ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي کي بهتر طور تي سمجهي سگهن ٿا ۽ سرحد پار ثقافتي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته علم، ڄاڻ ۽ تخليقي صنعتن جو استعمال نه رڳو ثقافتي اثاثن جي موثر استعمال جو سبب آهي پر ثقافتي ورثو، مهارتن ۽ تخليقڪاري جي رابطن ذريعي موقعا به فراهم ڪري ٿو جيڪي صدين کان ڳوٺاڻن ۽ شهري ڪميونٽيز ۾ موجود آهن، اهي انساني وسيلن جي ترقي لاءِ صلاحيت پيدا ڪري سگهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان وٽ خاص طور تي آرٽس اينڊ ڪرافٽس جي شعبي ۾ اهڙو ڀرپور ثقافتي ورثو آهي. هن چيو ته سنڌو درياءَ اتر ۾ جبلن کان ٿيندو پنجاب جي سرسبز ميدانن مان گذري سنڌ جي ريگستان ۽ بلوچستان جي علائقن کان ٿيندو عربي سمنڊ ۾ وڃي ڪري ٿو، هن چيو ته مختلف علائقن جي ثقافت ۽ روايتن ۾ فرق جي نتيجي ۾ جامع آرٽس اينڊ ڪرافٽس کي فروغ مليو جنهن جي عڪاسي مقامي مهارتن ۽ ثقافتي ماحول سان ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت تخليقي صنعت ان جي ڀرپور اقتصادي ۽ ثقافتي اهميت کان پوري طرح آگاهه آهي جيڪا ثقافتي سڃاڻپ جي ذريعي جو سبب آهي. هن چيو ته وومين انٽرپرينيورشپ جي فروغ، ڪلسٽر فارميشن، صنعت ۽ اڪيڊمي جي وچ ۾ ويجهن رابطن جي فروغ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته انٽرپرينيورشپ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزس سان اٽڪل 38 سيڪڙو غيرزرعي افرادي قوت کي وڪرو ڪيو ويو، سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ثقافتي صنعتون تخليق سازي، پيداوار ۽ تخليقي ڪمن کي واپاري بڻائيندي ان کي گڏ رکن ٿيون، اطلاعات واري وفاقي وزير تخليقي صنعت جي صلاحيت جي جائزي جو موقعو فراهم ڪرڻ تي هالينڊ جي شاهه جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندا تخليقي صلاحيت جي شعبي ۾ اقتصادي ترقي جي امڪانن جو جائزو وٺندا، اهڙن فائديمند مشورن سان شرڪت ڪندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ مفاهمت ۽ دوستي پيدا ٿيندي، هن پاڪستان حڪومت پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ وفدن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *