ثبوت نه رکندڙ عمران خان قوم کي ڌانڌلين جي نالي تي گمراهه پيو ڪري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ واري واري وفاقي پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان قوم کي ڌانڌلين جي نالي تي گمراهه ڪري رهيو آهي، جيڪا پارٽي هڪ سال اندر ثبوت پيش نه ڪري سگهي، اها 45 ڏينهن اندر ڪيئن پيش ڪري سگهي.  هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان اڄ به جڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. هـُن چيو ته عمران خان وٽ ثبوت ناهن، پي ٽي آءِ سربراهه ڌانڌلين جي نالي تي قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي، کيس وقت ضايع نه ڪرڻ  گهرجي. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته  عمران خان کي پنهنجي واويلا بند ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ هڪ سال ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهي، اها 45 ڏينهن ۾ ڪهڙا ثبوت پيش ڪري سگهندي؟  پرويز رشيد سوال ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان وٽ ثبوت ئي نه هئا ته ان اسلام آباد تي چڙهائي ڇو ڪئي؟، ڪنٽينر جي سياست سبب ملڪ ڪي ناقابلي تلافي نقصان پهتو آهي جنهن جو ازالو ممڪن ئي ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *