ثانيه مرزا ۽ مارٽينا هنگس برسبين انٽرنيشنل جي فائنل ۾ پهچي ويون

برسبين(اسپورٽس نيوز) عالمي نمبر هڪ جوڙي ثانيه مرزا ۽ مارٽينا هنگس ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي برسبين انٽرنيشنل جي فائنل ۾ جاءِ والاري ورتي، ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ۾ انڊو سوئيس جوڙي ايڊريجا ڪلپيڪ ۽ الا ڪدر يٽسيوا کي شڪست ڏني. تفصيل مطابق برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آسٽريليا ۾ جاري آهن. گذريل ڏينهن وومينز ڊبلز جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت جي ثانيه مرزا ۽ سوئٽزرلينڊ جيمارٽينا هنگس سلوينيا جي اينڊريجا ڪلپيڪ ۽ روس جي ايلا ڪدر يٽسيوا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني ۽ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. انهن جيفتح جو اسڪور 3-6 ۽ 5-7 رهيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *