ثاقب نثار سزا ڏياري، نوازشريف ۽ مريم جي سزا هاڻي ته ختم ڪري ڇڏيو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس نوازشريف، مريم نواز کي سزا ڏياري، هي سزا گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ته ختم ڪري ڇڏيو پاڪستان ۾ هر اداري کي پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، انصاف لاءِ ڪنهن وٽ ويندس؟ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي سازش تحت سزا ڏني وئي. جيڪڏهن حلف نامي ۾ ڪيل ڳالهه درست آهي ته ثاقب نثار کي سزا ڏيو جيڪڏهن غلط آهي ته رانا شميم کي سزا ڏيو شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن اسان حلف نامو يا آڊيو ٺاهي آهي تها سان کي بلڪل سزا ڏيو ڪوئي اهو نٿو چئي سگهي ته هو آواز اڳوڻي چيف جسٽس جو نه آهي، اڳوڻي وزيراعظم چيوت ه هر اداري کي پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، معاملا عدالت ۾ آئين مطابق هئڻ گهرجن. سفارشن تي نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته حڪومت پنهنجو ڳانڊاپو آڊيو سان قائم ڪرڻ چاهي ٿي آڊيو ۾ ملڪ جو ان وقت جو چيف جسٽس چئي رهيو آهي ته کيس حڪم آهي ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏيڻي آهي (ن) ليگ جي اڳواڻ چيو ته اڳوني چيف جسٽس حڪم ڪنهن کي ڏنو ڪا خبر نه آهي اوهان فارنزڪ ڪرايو ۽ اسانکي انصاف گهرجي. هن چيو ته نيب آرڊيننس هجڻ ئي نه گهرجي ها ۽ حڪومت غلط آرديننس آندو آهي. نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي معيشت جي تباهي ۾ نيب جو وڏو حصو آهي، نيب کان سوال آهي ته ڪيترن سياستدانن کي جاچ ۾ شامل ڪيو. ۽ ڪيتري رقم هٿ ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم اهو به چيو ته ملڪ ۾ عدل نظام سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ ڏسي رهيا آهن..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *