تڪراري شهريت واري بل خلاف احتجاج سبب ڀارتي اداڪاره گرفتار

 

نئين دهلي(شوبز نيوز) مسلمان مخالف تڪراري شهريت واري بل جي خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ ڀارتي اداڪاره کي پوليس تشدد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب فلمساز ميرا نائر ٽوئٽر تي اي سوٽ ايبل بواءِ فلم جي اداڪاره صدف جعفر کي لکنئو ۾ احتجاج جي دوران گرفتاري جي اطلاع ڏيندي لکيو آهي ته  هي اسان جو ڀارت آهي جتي پرامن احتجاج ڪرڻ تي اداڪاره کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو صدف جعفر جي آزادي جي مطالبي ۾ اسان جو ساٿ ڏين.صدف جعفر فلم ۽ ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ اتر پرديش ۾ ڪانگريس جي ترجمان، ٽيچر ۽ سوشل ايڪٽويسٽ به آهي. فيس بڪ تي لائيو وڊيو ۾ اداڪاره جي آواز ٻڌائي وئي جنهن ۾ هو عورت پوليس اهلڪارن کي چئي رهي آهي ته پٿراءُ روڪي ڇڏيو.ايس ايڇ او حضرت گنج پوليس اسٽيشن ڊي پي ڪشواها جو چوڻ آهي ته صدف جعفر کي ان مظاهرين سان گڏ گرفتار ڪيو ويو، ان مٿان الزام آهي ته هن حڪومت مخالف نعرا لڳايا. جنهن کان پوءِ کيس جيل موڪليو ويو آهي ۽ ان جي خلاف وڊيو شاهدي موجود آهي جڏهن ته هو پنهنجي گرفتاري جي خلاف عدالت ۾ اپيل به داخل ڪري سگهي.صدف جعفر جي ڀيڻ ناهيد ورما پوليس جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته صدف هٿين خالي هئي ۽ مظاهري ۾ نعريبازي ڪري رهي هئي ۽ قانون تحت پرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو حق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *