تڪبنديون آدمشماري مطابق ڪيون وينديون: اياز صادق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو چوڻ آهي ته تڪبنديون آدمشماري جي مطابق ڪيون وينديون ۽ ان تي سموريون پارٽيون متفق آهن اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پالياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، قانون وارو وزير زاهد حامد، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شيرپائو ۽ اڪرم دراني سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا سيڪريٽري اليڪشن بابر يعقوب به اجلاس ۾ موجود هو جڏهن ته اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻن کي نئين تڪبندين بابت بريفنگ ڏني وئي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اياز صادق چيو ته فاٽا ۽ سنڌ جي سيٽن ۾ ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جون ۵ ۽ بلوچستان جو ن ۳ سيٽون وڌنديون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻڌايو ته اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ وڌندي ۽ پنجاب جون ۹ قومي اسيمبلي جون سيٽون گهٽ ٿينديون اياز صادق جو چوڻ هو ته تڪبندين بابت بل جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي ۷ لک ۸۰ هزار جي آبادي تي هڪ سيٽ هوندي هن چيو ته تڪبندين تي هاڻ اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم شروع ڪندي تڪنبديون آدمشماري مطابق ڪيون وينديون ۽ ان تي سموريون پارٽيون مفتق آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *