تيل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو ظاهر، مهانگائيءَ جي ٻوڏ ٻاهران اچي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو تهمون کي ناز آهي ته اسان ملڪي ترقي ۾ اليڪشن جو نه پر ايندڙ نسلن جو سوچيو سڄي دنيا اندر ٽيڪنالوجي جو استعمال ٿي رهيو آهي، ڪيترائي ملڪ پنهنجون چونڊون اليڪترانڪ ووٽنگ مشين سان ڪرائي رهيا آهن تعجب آهي ته اسان جي اپوزيشن کي مشين کان ڇو ڊپ ٿي رهيو آهي، ورلڊ بئنڪ مطابق پاڪستان ۾ غربت گهت ٿي آهي ماڻهو ڏکيائين کيمنهن ڏئي رهيا آهن ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ وڏو رليف پئڪيج آڻڻڻ وارا آهيون عوام کي مڪمل اعتماد هئڻ گهرجي اسان مهانگائي مان به نڪري وينداسين مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ 645 ڪلوميٽر ۽ تحريڪ انصاف جي ٽن سالن ۾ 1750 ڪلوميٽر رستا ٺاهيا ويا. اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جتي حڪمران ۽ ان جا وزير ڪرپشن ڪندا هجن مسلم ليگ (ن) هڪ هزار ارب رپيا روڊن جي مرمت ۾ خرچ ڪيا، هن رقم سان ڪيترائي وڏا ڪم ٿي سگهن پيا لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ وڏيون وڏيون گاڏيون هلائي رهيا آهن. محلن بنگلن ۾ رهي رهيا آهن هي سمورو پئسو هتان ويو آهي پهرين ڏينهن کان حڪومت جي خلاف اپوزيشن هر محاذ تي مخالف رهي آهي، حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي مون کي اميد آهي ته پنجن سالن کان پو3 جڏهن ڪارڪردگي جو گراف سامهون ايندو ته اپوزيشن جو هٽ بند ٿي ويندو. پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻلاءِ گذريل 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو 3 وڏا ڊيم ڊهي رهيا آهن ايندڙ 10 سالن ۾ 10 ديم ڊهندا انهن ڊيمن جي پلاننگ 40 سال اڳ ٿي هئي اڱاري تي لليه کان جهلم شاهراه جو پيڙه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جنهن جنون سان جهلم جي جنگ وڙهي آهي ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو هن چيو ته هي اهو دور آهي ته ڪنهن ڪهڙو ڪم ڪيو، موبائيل فون تي سولائي سان ڄاڻ دستياب آهي ڇا ملڪ ۾بيروني خسارو سڀ کان وڏو هو سولائي سان انترنيٽ تي جواب ملي ويندو وزيراعطم عمرانخ ان چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ جٽادار ترقي ڪرڻي آهي جڏهن ملڪ ۾ اليڪشن نه پر ايندڙ نسلن جو سوچيو وڃي ته قوم ترقي ڪري ٿي وزيراعظم چيو ته چائنا جي ترقي جو راز آهي ته هن جٽادار ترقي بابت سوچيو سڀ کان پهريان هن غربت ختم ڪئي ۽ پو3 ترقياتي منصوبا رٿيا. ايئن ناهي ٿيندو ته اربين رپين جي ميٽرو ٺاهي سوچيو وڃي ته مان اليڪشن کٽي ويندس قوم ايئن اڳتي نٿي وڌي هن چيو ته مون کي ناز آهي تها سان اليڪشن جو نه پر ايندڙ نسلن جو سوچيو وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو ته ملڪي ترقي ۾ وڏو ڪردار پاڻي جو به آهي زمين موجود آهي پر پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن جنهن ۾ ذڪر جوڳو نقصان زراعت کي ٿي رهيو آهي هنچ يو ته پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ گذريل 50 سالن۾ پهريون ڀيرو 3 وڏا ڊيم ٺهي رهيا آهن ۽ ايندڙ 10 سالن ۾ 10 ڊيم ٺهندا انهن ڊيمن جي پلاننگ 40 سال اڳ ٿي هئي. هنچ يو ته جڏهن اسان وڻ لڳائڻ جا منصوبا آندا ته اسان تي چٿر ڪئي وئياڳونين حڪومتن ۾ ٻيلا ختم ڪيا ويا نيشنل پارڪ نه ٺاهيا ويا دنيا اڳونين حڪومتن جي ساراهه نه ڪئي عمران خان چيو ته برطانوي وزيراعطم موسمي تبديلي جي سمٽ ۾ پاڪستان جو مثال ڏي ٿو جنهن تي اپوزيشن چٿر ڪري رهي هئي. وزيراعطم چيو ته ورلڊ بئنڪ چوي ٿي ته موجوده حڪومت ۾غربت گهٽ ٿي آهي، ڏکيو وقت آهي پر مڪمل اعتماد هئڻگ هرجي اسان مهانگائي مان به نڪري وينداسين هن چيو ته مون کي ڄاڻ آهي ته ماڻهو سخت پريشآني کي منهن ڏئي رهيا آهن ايندڙ ڏينهن۾ هڪ وڏو رليف پئڪيج اچڻ وارو آهي. ان موقعي تي عثمان بزدار، فواد چوڌري سميت اين ايڇ اي جو به شڪريو ادا ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *